امين اڏيرائي

امين اڏيرائي

امين اڏيرائي

امين اڏيرائي: شاعر ۽ ڪھاڻيڪار محمد امين اڏيرائي ولد لال خان کوکر 5 نومبر 1964ع تي اڏيري لال اسٽيشن، تعلقي ۽ ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي (سنڌي)، بي. ايڊ ۽ ايم فل (قرطبه يونيورسٽي پشاور) آهي. 1982ع ڌاري لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڪيترائي ڪتاب سنڌي، اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ ڇپيل آهن. جن ۾: ’اچو سورن واريون‘ (شاعري)، ’سڏڪا سڏڪا زندگي‘ (ڪھاڻيون)، ’ڪشڪول ۾ چنڊ‘ (شاعري)، ’چانڊوڪي جو گهاءُ‘ (شاعري)، ’وڇوڙي جو درد‘ (ڪھاڻيون)، ’خوابن جي جاگير‘ (شاعري)، ’چنڊ چانڊوڪي ۽ سور‘ (چونڊ شاعري)، ’گم ٿيل خواب‘ (شاعري)، ’ہاتھوں پہ سورج‘ (شاعري)، ’احساس کی خوشبو‘ (شاعري)، ’ایک وجود اور‘ (ڪھاڻيون)، ’نیند کا شہر‘ (شاعري)، ’دل دا کاسا‘ (شاعري)، ’احساس کی خوشبو‘ (شاعري)، ’چاندنی کے اس پار‘ (ناول)، ’تیرگی میں کرن‘ (شاعري)، ’ادھوری پہچان‘ (مائکرو فکشن)، ’آہ نیم کش‘ (شاعري) ۽ ’بھکہ دا روپ‘ (شاعري) شامل آهن. ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪجهه اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.


لفظ امين اڏيرائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو